سنڌ هاءِ ڪورٽ روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بلديا سانحي فيڪٽري تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي طرفان روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. نادرا عملدارن به عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. نادرا وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مفرور ۽ اشتهاري ڏوهارين جو رڪارڊ مڪمل ناهي، فراهم ڪيل جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر درست نه آهن. پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي صوبي اندر 50 هزار کان وڌيڪ جوابدار روپوش ۽ فرار آهن، سڀ کان وڌيڪ جوابدر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ادارن کان وڌيڪ اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون