- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر گورک هل پراجيڪٽ ۾ بيقاعدگين جو سخت نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کي منصوبي بابت مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کان وضاحت طلب ڪري ورتي، سندس چوڻ آهي ته گورک هل منصوبي جا فنڊ عوام جي تفريح ۽ سهولتن لاءِ آهن، ڪجهه من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ نه آهن، پراجيڪٽ ۾ 140 بورچي آهن پر ڪو به ڪم نه ڪري رهيو آهي، گاڏين، ريسارٽ ۽ پئٽرول جي استعمال ۾ تمام گهڻيون بي ضابطگيون سامهون اچي رهيون آهن.
وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير مقبول باقر گورک هل پراجيڪٽ ۾ بيقاعدگين جو سخت نوٽيس ورتو.
وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر گورک هل جي فنڊن ۽ اثاثن جي بيضابطگين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته پراجيڪٽ جي گاڏين، ريسارٽ ۽ پئٽرول جي استعمال ۾ تمام گهڻيون بي ضابطگيون سامهون اچي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پراجيڪٽ جي گاڏين تي 18 ڊرائيورن مقرر آهن پر اهي ڊيوٽي خانگي ماڻهن سان ڪندا آهن.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته گورک هل ريسارٽ ۾ 12 بورچي رکيا ويا آهن ان باوجود به پراجيڪٽ جي بهتري لاءِ ڪم نه ٿي رهيو آهي، پراجيڪٽ ۾ 140 بورچي آهن پر ڪو به ڪم ناهي ڪندو.
نگران وڏي وزير، چيف سيڪريٽري کي منصوبي بابت مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کان وضاحت طلب ڪري ورتي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته گورک هل پراجيڪٽ فنڊ عوام جي تفريح ۽ سهولت لاءِ آهن نه ڪجهه من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ آهن، فنڊن جو غلط استعمال ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو.- Advertisement -
