- Advertisement -
غزا ۾ چئن ڏينهن واري عارضي جنگبندي جو اڄ آخري ڏينهن آهي جڏهن ته حماس جنگبندي ۾ 2 کان 4 ڏينهن جي واڌ تي راضي ٿي ويو ۽ جنگبندي ۾ واڌ جي صورت ۾ وڌيڪ 20 کان 40 اسرائيلي قيدين کي آزادي ملي سگهي ٿي.
حماس عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏهاڙي 13 اسرائيلين سميت 17 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو هو.
عالمي جنگ بندي جي ٽئين ڏهاڙي حماس معاهدي تحت حماس وڌيڪ 13 اسرائيلي يرغمالين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
آزاد ٿيلن ۾ 9 ٻار، 4 عورتون ۽ هڪ روسي اسرائيلي شامل آهن، جڏهن ته حماس ٽن ٿائي شهرين کي به آزاد ڪري ڇڏيو هو.
اسرائيل به وڌيڪ 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو هو.
آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ وقفو جاري رهڻ جي اميد آهي.
حماس طرفان جنگبندي ۾ 2 کان 4 ڏينهن تائين واڌ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
جنگبندي ۾ اضافي سان وڌيڪ 20 کان 40 اسرائيلي قيدين جي آزادي ٿي سگهندي، امدادي سامان کڻي 120 ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿي ويون.
گڏيل قومن چيو آهي ته غزا جي 80 سيڪڙو آبادي بي گهر بڻجي وئي آهي، بي گهر ماڻهن جو انگ 17 لک کان به وڌيڪ آهي، 10 لک فلسطيني 156 پناهگير مرڪزن ۾ آهن، اسرائيل پناهگير مرڪزن تي به بمباري ڪري چڪو آهي.- Advertisement -
