ڪراچي مان غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد مان به 7 افغان شهرين نيڪالي ڏني وئي.
سنڌ جي راڄڌاني واري شهر مان 58غيرقانوني افغان شهرين تي ٻڌل قافلو ٻن بسن ذريعي سلطان آباد ٽرانزٽ پوائنٽ مان چمن بارڊر ڏانهن روانو ڪيو ويو.
غيرقانوني افغانين جي قافلي ۾ 18 مرد، 14 عورتون ۽ 26 ٻار شامل آهن.
ڪراچي مان هن وقت تائين هڪ هزار 117 ماڻهن کي افغانستان اماڻيو ويو آهي.
حيدرآباد مان به 7 افغان شهرين کي چمن بارڊر موڪيلو ويو .