تازه ترين

غزا  جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ ڏسڻ چاهن ٿا : جان ڪربي

- Advertisement -
وائيٽ هائوس غزا ۾ جنگبندي ۾ ٻن ڏينهن  جي واڌ آجيان ڪئي آهي، جان ڪربي جو چوڻ آهي ته هو غزا  جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ ڏسڻ چاهن ٿا. خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ آزادي ماڻيندڙ 20 يرغمالين ۾ آمريڪين جي شامل هئڻ جي اميد آهي. ٻئي پاسي آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته هو غزا  جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ ڏسڻ چاهن ٿا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ حماس 20 ماڻهن کي آزاد ڪندو، آزاد ٿيندڙ يرغمالين ۾ عورتون ۽ ٻار سامل آهن. جاني ڪربي  چيو ته هو سمورن يرغمالين جي آزادي چاهن ٿا، واڌ سان يرغمالين جي آزادي ۽ غزا ۾ امدادي ڪارروايون ممڪن ٿي رهيون آهن، غزا ۾ تيل سميت امدادي سامان جي ٽرڪن جو تعداد وڌيو آهي. آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان چيو ته يرغمالين ۾ 8 يا 9 آمريڪي شهري به شامل آهن، امداد جي لاءِ جنگبندي جي هر ڏينهن جي هر ڪلاڪ جو فائدو ورتو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون