وائيٽ هائوس غزا ۾ جنگبندي ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ آجيان ڪئي آهي، جان ڪربي جو چوڻ آهي ته هو غزا جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ ڏسڻ چاهن ٿا.
خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ آزادي ماڻيندڙ 20 يرغمالين ۾ آمريڪين جي شامل هئڻ جي اميد آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته هو غزا جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ ڏسڻ چاهن ٿا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ حماس 20 ماڻهن کي آزاد ڪندو، آزاد ٿيندڙ يرغمالين ۾ عورتون ۽ ٻار سامل آهن.
جاني ڪربي چيو ته هو سمورن يرغمالين جي آزادي چاهن ٿا، واڌ سان يرغمالين جي آزادي ۽ غزا ۾ امدادي ڪارروايون ممڪن ٿي رهيون آهن، غزا ۾ تيل سميت امدادي سامان جي ٽرڪن جو تعداد وڌيو آهي.
آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان چيو ته يرغمالين ۾ 8 يا 9 آمريڪي شهري به شامل آهن، امداد جي لاءِ جنگبندي جي هر ڏينهن جي هر ڪلاڪ جو فائدو ورتو ويندو.