تازه ترين

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي فيصلي ۽ رحيم شاهه جي سزا خلاف 2 اپيلون داخل

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي فيصلي ۽ رحيم شاهه جي سزا خلاف داخل اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون ويون آهن.

ارشاد رانجهاڻي جي وارثن قتل ڪيس جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي ٻه درخواستون داخل ڪرايون هيون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي صدارت هيٺ ٻه رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس فيصلو قانون موجب غلط هو.

وڪيل چيو ته قلم 324 تحت گهٽ ۾ گهٽ سزا 10 سال هوندي آهي، رحيم شاهه ۽ ٻين جوابدارن کي گهٽ ۾ گهٽ موت جي سزا ڏني وڃي.

عدالت ٻئي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون