بدين ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان فوت ٿي ويا.
سيراڻي روڊ تي حادثي ۾ 22سالن جو صدام جوڻيجو 20 سالن جو يونس منڌرو موقعي تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين وچ ۾ ڪهرام مچي ويو.