تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالڻ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالڻ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي.

پاڪستان ڏکيائن مان گذرندي جنرل سيد عاصم منير جي دور ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون.

هڪ سال ۾ پاڪستان غير يقيني واري صورتحال مان نڪري استحڪام طرف سفر شروع ڪيو آهي.

29 نومبر 2022ع تي آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17هين سپهه سالار طور ڪمان سنڀالي.

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف 24 نومبر 2022ع تي جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني هئي.

پاڪ فوج جي ڪمان سنڀاليندڙ جنرل سيد عاصم منير قرآن شريف جو حافظ آهي ۽ هن آفيسرز ٽريننگ اسڪول مان تربيت مڪمل ڪئي ۽ بعد ۾ پاڪستان آرمي جي فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪيائين.

جنرل عاصم منير 2014ع ۾ ڪمانڊر فورس ڪمان ناردرن ايريا مقرر ٿيو ۽ 2017ع ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس جو عهدو سنڀاليو، کيس آڪٽوبر 2018ع ۾ ڊي جي ملٽري آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو.

آرمي چيف جنرل عاصم منير کي جون 2019ع ۾ ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو هو، آڪٽوبر 2021ع کان آرمي چيف ٿيڻ تائين هو جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو.

جنرل سيد عاصم منير کي تربيت دوران اعزازي تلوار سان پڻ نوازيو ويو هو.

اڄ کان ٺيڪ هڪ سال اڳ جڏهن  آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالي ته پاڪستان ڏکيائن ۽ بحرانن ۾  گذري رهيو هو.

ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ، معاشي بحران، امن امان جي خراب صورتحال، بي يقينيءَ هر شيءِ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپيو هيٺاهين طرف وڃي رهيو هو  ۽ مهانگائي چوٽ چڙهيل هئي.

هڪ سال اڳ ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ جو لفظ گهٽين، چوڪن ۽  چوراهن تي گونجي رهيو هو، ان صورتحال جو فائدو وٺي دشمن سوشل ميڊيا ذريعي مايوسي ۽ بدگماني وڌائي رهيو هو.

پر رياست خاموش نه ويٺي، جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج مايوسيءَ جي سفر کي مستحڪم پاڪستان طرف موڙڻ جو فيصلو ڪيو.

365 ڏينهن کانپوءِ اڄ پاڪستان وٽ ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه  آهي، ملڪي معيشت کي تباهي طرف ڌڪيندڙ مافيا ۾ رياست اهڙو هٿ وڌو جيڪو ڪنهن جي گمان ۾ به نه هو.

ڊالر جي قيمت ۾ تاريخي گهٽتائي ۽ ضروري شين جو ذخيرو بند ٿيڻ کانپوءِ عام ماڻهو جي زندگي بهتر ٿيڻ شروع ٿي.

آرمي چيف جي هڪ سال جي مدي دوران پاڪستان جي خراب معيشت ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي منظم ڪرڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ اينڊ فيسيليٽيشن ڪائونسل جو قيام ملڪي تاريخ ۾ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيو.

 

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون