تازه ترين

پنجاب جي علائقي ماڇڪو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سميت 5 ڄڻا قتل

پنجاب جي ماڇڪو واري علائقي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ڳوٺ حسين سولنگي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ قابل، پرويز سولنگي ۽ حميده سيلرو سميت پنج ڄڻا مارجي ويا.

ڊي پي او رحيم يار خان جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻن کي قتل ڪندڙ ٻه ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن، جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ٻين ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل ڳوٺاڻن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن.

علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڌاڙيلن سولنگي برادريءَ جي ماڻهن تي مخبري ڪرڻ تان حملو ڪيو جنهن ۾ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون