تازه ترين

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ انڊلٺي رنگ نروار

- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ  جي سڏ تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي سِري هيٺ ملهائڻ لاءِ تياريون تيز ٿي ويون آهن. نوابشاهه جي اپوا گرلز هاءِ اسڪول پاران ايڇ ايم خواجا آڊيٽوريم هال ۾ شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ شاگردياڻين پاران ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا….. سيوهڻ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ استادن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران ثقافتي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي. تقريب ۾  شاعرن ۽ سگهڙن ڏور، بيت ۽  ڳجهارتون ٻڌائي  واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران 3 ڊسمبر سنڌ جي مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو  ملهائڻ جي آجيان ڪيون ٿا. غوثپور جي مين پرائمري اسڪول ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ٽنڊي غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ استادن، شاگردن ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون