سنڌ هائيڪورٽ پاران ماڙي جلباڻي واقعي ڪيس ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي پيش ٿيڻ جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ چئن شهرين جي قتل ۽ 12 زخمين واري ڪيس ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي رپورٽ سان گڏ پيش ٿيڻ جو حڪم جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ چئن شهرين جي قتل ۽ 12 زخمين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي شهيد بيظيرآباد عدالت ۾ پيش ٿيو. ايس ايس پي شهيد بينظير آباد واقعي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالت پاران ايس ايس پي شھيدڀبينظير آباد جي پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد سھتو چيو ته خبرن ۾ آيو آھي ته دهشتگرد مارجي ويا آهن، ٻئي ڏينهن خبر پئي ته ڳوٺ جا عام ماڻهو قتل ٿي ويا آهن. جسٽس امجد علي سهتو، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته ڇا اوھان کي الله کي جواب ناهي ڏيڻو؟، پوليس رپورٽ موجب ڳوٺاڻن پنهنجي ئي ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڳوٺاڻا پنهنجن ئي ماڻهن کي قتل ڪندا. عدالت چيو ته هو بيوقوف ناهن، سڀ ڪجهه نظر اچي ٿو ته ڇا ٿيو آھي ۽ ڪھڙا ماڻھو ماريا ويا. عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته عدالتي حڪم تي ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد پيش ڇو نه ٿيو آھي. عدالت ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد کي رپورٽ سميت ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست ڏيندڙ سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار خان جلباڻي جي وڪيل حيدر امام رضوي چيو ته پوليس تي ڪو به ڀروسو ناهي، عدالت کي اپيل آھي ته عدالتي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
57%
1.6m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون