تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 31 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 31 ڄڻا زخمي ٿي پيا. عمرڪوٽ ويجهو اسڪول بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 25 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. عمر ڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ اسڪول بس صوفي فقير اسٽاپ وٽ ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ زين، رمضان، غلام محمد، راشد علي، غلام مصطفيٰ مهر، سهيل رند سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي   مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته بس شاگردن کي کڻي عمر ڪوٽ کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته صوفي فقير اسٽاپ وٽ حادثي جو شڪار ٿي وئي. جيڪب آباد ۾ ڪوهيڙي سبب ٻن وينن ۽ ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ وين ڊرائيور صدر کوسو، اعجاز گولو، هدايت الله ۽ اسد سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون