سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي، اميد آهي ته هاڻي اليڪشن ٿيندي : قائم علي شاهه

- Advertisement -
اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي، اميد آهي ته هاڻي اليڪشن ٿيندي. خيرپور ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قائم علي شاهه چيو ته وڏين تڪليفن کانپوءِ آئين وجود ۾ آيو، جنهن کي ڪيترا ڀيرا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر آئين اڄ به موجود آهي. هن چيو ته جنهن به آئين کي ختم جي ڪوشش ڪئي آهي،  انهن کي ئي وري آئين کي سلام ڪرڻو پئجي ويو آهي. قائم علي شاهه چيو ته آئين موجب 90 ڏينهن اندر اليڪشن ٿيڻي هئي، جيڪا نه ٿي، پر ھاڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته تڪبنديون تڪڙ ۾ ٺاھيون ويون آهن يا ڪو ٻيو معاملو آهي، پر  افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته آبادي وڌائڻ بدران گھٽائي وئي آهي. قائم علي شاهه چيو ته دنيا جي آبادي ٻه کان ٽي سيڪڙو وڌي آهي، ان حساب سان پاڪستان جي آبادي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته خيرپور جي آبادي پهريان 24 لک هئي جيڪا  بعد ۾ وڌي 30 لک ٿي وئي،  ھاڻي ضلعي جي ٽي کان چار لک آبادي گهٽائي وئي آهي. قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته هنن معاملي کي ان ڪري چيلينج ڪيو ته جيئن ڪنهن کي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو بھانو نه ملي سگهي. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته  هو  چاهين ٿا ته پهريان اليڪشن ٿي وڃي بعد ۾ حساب ڪتاب ٿيندا. قائم علي شاهه چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جلسي ۾ پنهنجي پٽ کي پٽڪو پارائي محبت جو اظهار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
41%
0.9m/s
3%
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون