- Advertisement -
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج هر قسم جي ڏکيائين خلاف پاڪستان جي علاقائي سلامتي ۽ خود مختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي، پاڪ فوج سمورو ڌيان سرحدن جي حفاظت تي ڏئي رهي آهي، هو چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهن.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خيرپور ٽاميوالي جو دورو ڪري بهاولپور ڪور جي فيلڊ مشقن جو معائنو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي فلڊ مشقن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر طرفان ٻڌايو ويو ته مشقن جو مقصد پيشوراڻي مهارتن کي وڌائڻ آهي، مشقن ذريعي مستقبل جي آپريشنل ماحول ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ به آهي.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته هو ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهن، قوم جي حمايت سان دشمنن جي ڪريل ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج هر قسم جي ڏکيائين خلاف پاڪستان جي علاقائي سلامتي ۽ خود مختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪ فوج سمورو ڌيان سرحدن جي حفاظت تي ڏئي رهي آهي ۽ قوم جي حمايت سان فوج ملڪ جي دشمنن کي شڪست ڏيندي.
ان کان اڳ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي آمد تي ڪور ڪمانڊر بهاولپور آڌرڀاءُ ڪيو- Advertisement -
