قوم جي حمايت سان دشمن جي ڪريل ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين : آرمي چيف

- Advertisement -
“ قوم جي حمايت سان دشمن جي ڪريل ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين” آرمي چيف جنرل عاصم منير جو اعلان، سندس چوڻ آهي ته پاڪ فوج هر قسم جي ڏکيائين خلاف پاڪستان جي علاقائي سلامتي ۽ خود مختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي، پاڪ فوج  سمورو  ڌيان سرحدن جي حفاظت تي ڏئي رهي آهي، هو چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهن. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خيرپور ٽاميوالي جو دورو ڪري بهاولپور ڪور جي فيلڊ مشقن جو معائنو ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي فلڊ مشقن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر طرفان ٻڌايو ويو ته مشقن جو مقصد پيشوراڻي مهارتن کي وڌائڻ آهي، مشقن ذريعي مستقبل جي آپريشنل ماحول ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ به آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته هو ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهن، قوم جي حمايت سان دشمنن جي ڪريل ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج هر قسم جي ڏکيائين خلاف پاڪستان جي علاقائي سلامتي ۽ خود مختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪ فوج سمورو ڌيان سرحدن جي حفاظت تي ڏئي رهي آهي ۽ قوم جي حمايت سان فوج ملڪ جي دشمنن کي شڪست ڏيندي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي آمد تي ڪور ڪمانڊر بهاولپور آڌرڀاءُ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
41%
0.9m/s
3%
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون