بلاول ڀٽو پاران عوام کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون

- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ثقافت سندن معاشري جو حسن ۽ دنيا لاءِ سندن قومي ٻڌيءَ جو بي مثال ثبوت آهي، بامقصد ثقافتي سرگرميون سماج ۾ نفرت، ورهائڻ ۽ انتهاپسندي لاءِ موت آهن. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ۽ خوبصورت تهذيبن مان هڪ آهي، جنهن جو مرڪز موهن جو دڙو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور پرامن، ڀائيچارو پسند ۽ محب وطن هجڻ سان گڏو گڏ فن ۽ فطرت سان محبت ڪندڙ رهيا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافت سندن معاشري جو حسن ۽ دنيا لاءِ سندن قومي ٻڌيءَ جو بي مثال ثبوت آهي، بامقصد ثقافتي سرگرميون سماج ۾ نفرت، ورهائڻ ۽ انتهاپسندي لاءِ موت آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سمورين ثقافتن کي برابري واري اهميت ۽ درجو ڏيڻ ۾ يقين رکي ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پنهنجي فخر جوڳي قديم تهذيب ۽ خوبصورت ثقافت کي دنيا ۾ عالمي سطح تي اجاگر ڪري پاڪستان جو هاڪاري چهرو پيش ڪرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
13 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
34%
3.1m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
32 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون