تازه ترين

سنڌ اڄ قومي عيد ملهائي رهي آهي، هر پاسي رنگ، مرڪون ۽ خوشيون آهن، ڌرتي جرڪي پئي آهي

سنڌ اڄ قومي عيد ملهائي رهي آهي، هر پاسي رنگ، مرڪون ۽ خوشيون آهن، ڌرتي جرڪي پئي آهي.

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو مظلوم نياڻين سان ساٿ جي وچن جي سري هيٺ ملهائڻ لاءِ هر پاسي انڊلٺي رنگ نروار ٿي ويا آهن.

ڌرتيءَ ڌڻي اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري ريليون ڪڍي پنهنجي ثقافتي قومي عيد ملهائي رهيا آهن.

سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ڊويزنز جي ننڊن وڏن شهرن ۾ ريليو ڪڍيون پيون وڃن.

خيرپور ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي مک ريلي سنڌ ٽي وي جي سلوگن مظلوم نياڻين سان ساٿ جي وچن جي سري هيٺ خاڪي شاهه پل کان ڪڍي وئي.

ريلي ۾ سياسي سماجي، قومپرست ڌرين، مذهبي اڳواڻن ۽ شهرين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قومي گيتن تي جمهريون هيون.

سانگهڙ ۾ به ثقافتي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ نوجوانن، پڪن پوڙهن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ٽنڊي الهيار ۾ مختلف علائقن مان ثقافتي ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي آهي.

ڄامشوري ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ريليو ڪڍيو پيون وڃن.

سڄي سنڌ جيان دادو ۾ به ثقافتي ڏهاڙي تي سياسي، سماجي، ادبي، ٽريڊ يونين، قومپرست تنظيمن سميت مختلف برادرين پاران ريليون ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.

قمبر ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سلوگن مظلوم نياڻين سان ساٿ جي وچن جي سري هيٺ سياسي سماجي، قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪا پهري ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

مٺي ۾ راجپوت برادري پاران ثقافتي عيد جي ڏهاڙي تي راڻا هائوس کان ريلي ڪڍي تلوارن تي رقص ڪيو پيو وڃي.

گڊو ۾ به جساف ڪارڪنن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍي وئي.

ڳڙهي خيري ۾ ثقافتي عيد تي قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ مجلس قائد اعظم پاڪستان پاران ڌار ڌار ريليو ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

ڪلوئي ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي گورنمينٽ هائير سڪينڊري اسڪول ارباب امير حسن، گورنمينٽ مڊل اسڪول محمد خان لنڊ ۽ روشن تارا اسڪول پاران ڌارڌار ريليو ڪڍيون ويون.

نواب ولي محمد ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ايس يو پي ڪارڪن پاران ذوهيب سنڌي، عبدالحميد ڪلهوڙو، خالد اوٺو، شريف ماڇي، ڊاڪٽر الله رکيو ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

گمبٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي گورنمينٽ ڊگري گرلز ڪاليج جي شاگردياڻين ثقافتي  ويس پهري  ريلي ڪڍي.

ڪنب ۾ سنڌ جي قومي ڪاڄ ثقافتي ڏهاڙي تي سياسي سماجي، قومپرست تنظيمن ۽ شهرين پاران ريليون ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو.

گولاڙچي ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف اسڪولن جي شاگردن پاران ريليون ڪڍيون ويون.

ٻانڌي ۾ ثقافتي عيد تي ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم سميت مختلف برادري پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

سڄي سنڌ جيان ٽنڊي مير علي ۾ به سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي تي شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي.

شيخ ڀرڪيو ۾ من گروپ ۽ نوجوان اتحاد پاران ريليون ڪڍيون.

سنڌڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ مختلف برادرين پاران ثقافتي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

ڍوري ناري ۾ به ثقافتي ڏهاڙي تي مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون ويون.

ڏيپلي ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي تي صحافين پاران پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي آهي.

وارهه ۾ به ثقافتي ڏهاڙي تي البدر پبلڪ اسڪول جي ٻارڙن 40 ميٽر جو اجرڪ کڻي ريلي ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ميان صاحب ۾ به ثقافتي ڏهاڙي تي همايون، سلطان ڪوٽ، جاڳڻ، جهان واهه ۽ ڀرپاسي مان ريليو ڪڍيون پيون وڃن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
11.1 ° C
11.1 °
11.1 °
19 %
2.6kmh
69 %
اربع
10 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون