نگران وڏي وزير مقبول باقر طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مبارڪ

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سنڌي قوم کي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون آهن. جاري ڪيل بيان ۾ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ جي ثقافت مهذب تهذيب ۽ روايتن جي امين آهي، سنڌ صوفي ازم جي ڌرتي آهي. هن چيو ته سنڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، لعل شهباز قلندر، سچل سرمست ۽  عبدالله شاهه غازي جهڙن عظيم هستين جي ڌرتي آهي، سنڌي ثقافت ۾ مهمان نوازي، ڀائيوارو، اخلاق ۽ محبت جي جذبن جو حسن سڀ کان مٿانهون آهي. نگران وڏي وزير چيو ته اجرڪ جي رنگن جيان سنڌ جي  ثقافت به دلڪش آهي، اڄوڪو ڏينهن نسل پرستي، انتهاپسندي ۽ هر قسم جي فرق خلاف محبت جو درس ڏي ٿو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي ثقافتي جي ڏهاڙي جون هو واڌايون ڏي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
34%
3.1m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
32 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون