- Advertisement -
پکو ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ خيرپور ميرس واسي نوجوان فوت ۽ ست پورهيت زخمي ٿي پيا.
رتو ڪوٽ وٽ حادثي ۾ نوجوان آفاق احمد فوت ٿي ويو ۽ پورهيت عبدالفتاح، مجاهد، ارباب ۽ بدرالدين سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٻي پاسي نواب ولي محمد ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
ڳوٺ مستي کوهي ويجهو لنڪ روڊ تي حادثي ۾ شهباز ڪالوني واسي محمد رياض موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڳڙهي ياسين ۾ پير موسن شاهه وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ ڳوٺ جواب پورو جو رهواسي صابر چانڊيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو- Advertisement -
