تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بي آءِ ايس پي  پروگرام جي قسط مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروايون

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بي آءِ ايس پي  پروگرام جي قسط مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن. ٺري ميرواهه ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ پاران تعلقي جي مختلف سينٽرن تي ڇاپا هنيا ويا. ڊائريڪٽر جنرل ٺري ميرواهه، بوزدار وڏا، سوئي گئس، ميهر ويسر ۾ سينٽرن تي ڇاپا هڻي مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙ 5 ايجنٽن جون ڊوائيس بلاڪ ڪري ڇڏيون. ڪارروائي دوران مستحق عورتن جي پئسن مان ڪيل ڪٽوتي واپس ڏياري وئي. ٽنڊو جان محمد ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري مبينا طور مسحق عورتن جي پيسن مان ڪٽوتي ڪرڻ تي بي آءِ ايس پي جي ٽن ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته بي آءِ ايس پي جي قسط مان ڪٽوتي ڪندڙ فياض، اشوڪ ۽ منور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان 2 لک 42 هزار رپيا روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن نوان جتوئي ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي قسط مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڏيرو لال ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط مان ڪٽوتي ڪرڻ خلاف مستحق عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊوائيس هولڊر مستحق عورتن جي پيسن مان هڪ هزار کان 15سئو رپيا ڪٽوتي ڪري رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبوڪيو ته ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊر خلاف ڪارروائي ڪري مستحق عورتن سان انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون