- Advertisement -
سوشل ميڊيا تي ويوز حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي پنهنجو جهاز تباهه ڪندڙ امريڪي يوٽيوبر کي ڇهن مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي .
اڄ ڊجيٽل دور ۾ فالوورز ۽ ويوز جي جنگ جاري آهي جتي سوشل ميڊيا صارفين ان جنگ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهن .
هڪ اهڙو ئي واقعو نومبر 2021ع ۾ پيش آيو هو جڏهن هڪ امريڪي يوٽيوبر ٽريور جيڪب گهڻا ويوز حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو جهاز ڪيليفونيا جي لاس پيڊريس نيشنل جهنگ جي جبلن ۾ ڪيرائي تباهه ڪيو هو .
جنهن وقت جهاز جي پروپيلر ڪم ڪرڻ بند ڪيو ان وقت جيڪب پيرا شوٽ جي ذريعي لينڊنگ ڪرڻ جي وڊيو ٺاهي هئي .
ٽن هفتن بعد ڊسمبر 2021 ۾ جيڪب (I carashed my plane) جي عنوان سان يوٽيوب تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي ۽ ان کي لکن ۾ ويوز مليا، جڏهن ته امريڪي فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن جيڪب تي يوٽيوب ويوز جي خاطر ڄاڻي واڻي پنهنجي جهاز کي ڪريش ڪرڻ جو الزام لڳايو هو .
جيڪب جي تڪراري جهاز حادثي جي جاچ ۾ ايف اي اي ڄاڻايو ته پائلٽ پروپيلر بند ٿيڻ بعد انجڻ کي ٻيهر هلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ يا ايئرپورٽ جي ڪنٽرول تي فون ڪري پنهنجي پريشاني کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ ئي پيراشوٽ جي ذريعي جهاز ۾ ٻاهر نڪتو .
رپورٽس موجب ايف اي اي اهو به نوٽ ڪيو ته جيڪب ٽيڪ آف کان اڳ ئي جهاز جي ٻاهرين حصي ۾ ڪيتريون ئي ڪيمرائون لڳايون هيون ته جيئن اهو سڀ ڪجهه هو رڪارڊ ڪري سگهي.
جاچ مڪمل ٿيڻ بعد فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن ٽريور جيڪب جو پائليٽ لائسنس رد ڪيو، جڏهن ته جاچ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ارادي سان جهاز جي تباهي ۽ لڪائڻ جي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو.
ڪيليفورنيا ۾ وفاقي پراسيڪيوشن ٻڌايو ته جيڪب امڪاني طور تي اهو ڏوهه پنهنجي سوشل ميڊيا تي ويوز حاصل ڪرڻ ۽ مالي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو، اهڙي قسم جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي .
جيڪب کي ڄاڻي واڻي ويوز ۽ پئسن جي لاءِ جهاز کي تباهه ڪرڻ ۽ ثبوت لڪائڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ ڇهه مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي جنهن بعد کيس جيل منتقل ڪيو ويو .- Advertisement -
