- Advertisement -
خيرپور ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان ڏهرڪي واسڻ شاگردياڻي جو لاش هٿ ڪيو ويو.
ميڊيڪل جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي ڏهرڪي جي رهواسڻ سنيها ڌي نارائڻ داس جو لاش مليو.
پوليس اطلاع تي پهچي هاسٽل مان هٿ آيل لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.
ان موقعي تي هاسٽل جي شاگردياڻين ٻڌايو ته پڙهائي دوران سنيها بيهوش ٿيڻ بعد ڪِري پئي.
پوليس موجب اطلاع تي پهچي شاگردياڻي جو مڙهه کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال پهچايو.
شاگردياڻي جي وارثن اسپتال پهچي سنيها جو مڙهه بنا پوسٽ مارٽم جي کڻائي ڏهرڪي روانا ٿي ويا.
ان موقعي تي شاگردياڻي جي ڀاءُ چيو ته سندس ڀيڻ کي ننڍپڻ کان بيهوشي جا دورا پوندا هئا ان ڪري پوسٽ مارٽم ناهي ڪيو.- Advertisement -
