- Advertisement -
روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته 7 ورهين ۾ روس ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا غير معمولي سطح تي پهچي ويا.
عرب ميڊيا موجب سعودي ولي عهد صدر پيوٽن جو شاهي محل ۾ استقبال ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ڪئي ۽ سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي پيوٽن محمد بن سلمان جا ٿورا پڻ مڃيا.
ان موقعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو چوڻ هو ته سندن دوستاڻي لاڳاپن کي اڳتي وڌڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگھي، هنن جي ٻئي ملاقات ماسڪو ۾ ٿيڻ گهرجي.
صدر پيوٽن چيو ته سياسي، واپاري، انساني معاملن ۾ روس ۽ سعودي عرب ۾ لاڳاپا بهتر ۽ مضبوط آهن، خطي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ضروري آهي.- Advertisement -
