تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ايف آءِ اي کي آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم ڏنو. عدالت جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي وڃي ته سڀ کان پهريان آڊيو ڪٿان جاري ٿي. جسٽس بابر ستار چيو ته پيمرا ٻڌائي ته ماڻهن جي ذاتي ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٽي وي چينلن تي نشر ٿي رهي آهي؟. جسٽس بابر ستار درخواست تي لاڳو اعتراض به ختم ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته درخواست تي رجسٽرار آفيس جا ڪهڙا اعتراض آهن؟. لطيف کوسا ٻڌايو ته اعتراض آهي ته ڌار درخواست داخل ڪن، متفرق درخواست ڪيس ڪري سگهجي ٿي؟، آڊيو ليڪس ۾ متفرق درخواست داخل ٿي سگهي ٿي، وڪيل ۽ اصيل وچ ۾ ڳالهين تي استحقاق هوندو آهي. جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا بگ باس سڀ ٻڌي رهيو هوندو آهي اوهان کي ته خبر هئڻ گهرجي. جسٽس بابر ستار پڇا ڪئي ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته سڀني کي خبر آهي ڪير رڪارڊ ڪندو آهي. جسٽس بابر ستار چيو ته افواهه تي ته نٿو هلي سگهجي جنهن تي لطيف کوسا چيو ته هي سندس نه پر سڄي ملڪ جي وڪيلن جو مسئلو آهي وڪيل اصيل سان آزادي سان ڳالهائي نٿو سگهي ته انصاف جو نظام ڪيئن هلندو؟. عدالت پڇاڻو ڪيو ته آڊيو سوشل ميڊيا تي آئي آهي؟ جنهن تي لطيف کوسا چيو ته آڊيو سمورن ٽي وي چينلن به نشر ڪئي. جسٽس بابر ستار چيو ته سڀ کان پهريان ٽوئيٽر تي آئي يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟، اها خبر پئي ته جاري ڪٿان ٿي آهي ته خبر پئجي سگهي ٿي ته رڪارڊ ڪنهن ڪئي؟. لطيف کوسا چيو ته پيمرا هونئن ته ڪنهن جو نالو وٺڻ تي به اسڪرين بند ڪري ڇڏي ٿو ساڻس ڪوبه ڳالهائي نٿو ته اوهان جي فون ئي محفوظ ناهي. جسٽس بابر ستار درخواست جي ڪاپي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي به اماڻڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ به رپورٽ ڏئي ته آڊيو ڪنهن جاري ڪئي. عدالت ايف آءِ اي، پيمرا ۽ پي ٽي اي کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ۽ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
51 %
2.6kmh
21 %
آچر
26 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون