تازه ترين

ڪراچي: عائشه منزل ويجهو باهه متاثر عمارت مان وڌيڪ هڪ لاش هٿ

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي عائشه منزل ويجهو باهه متاثر عمارت مان وڌيڪ هڪ ڄڻي جو لاش ڪڍيو ويو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. اربع ڏينهن عائشه منزل ويجهو فرنيچر جي دڪانن ۾ خوفناڪ باهه لڳي هئي جنهن سبب ڪيترن ئي دڪانن ۾ پيل ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو هو. ريسڪيو ذريعن موجب، متاثر عمارت مان وڌيڪ هڪ ڄڻي 30 ورهين جي رياض پٽ رمضان جو لاش ڪڍيو ويو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض ساهه ٻوساٽجڻ ۽ سڙڻ سبب فوت ٿيو جڏهن ته لاش شاپنگ مال جي پهرين ماڙ تان مليو جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي متاثر عمارت کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عمارت ۾ ڪنهن کي داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي. ايس بي سي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاپنگ مال جي عمارت کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، معائني بعد فيصلو ٿيندو ته عمارت استعمال ڪرڻ جي قابل آهي يا ناهي. ايس بي سي اي ترجمان، ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل جي هدايت تي شاپنگ مال جي عمارت کي سيل ڪيو آهي سيل ڪرڻ جو مقصد آهي ته ڪوبه شخص اندر داخل نه ٿي سگهي. ايس بي سي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪولنگ عمل بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪميٽي عمارت جو معائنو ڪندي، ڪميٽي عمارت جي معائني بعد رپورٽ پيش ڪندي. متاثر عمارت ۾ 250 کان وڌيڪ دڪان ۽ لڳ ڀڳ 450 رهائشي فليٽ آهن. ريسڪيو 1122 باهه کي ٽئين درجي جو قرار ڏنو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
51 %
2.6kmh
21 %
آچر
26 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون