- Advertisement -
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ تي ڪنهن کي شڪ شبها نه هئڻ گهرجن، عوام جا فيصلا ڪرڻ چونڊيل ماڻهن جو ڪم آهي، هو رڳو نگراني ڪري رهيا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رابطن جو بحران ناهي، چونڊون خراب ڪرڻ جي افواهن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪرڻ سياست جو حصو آهي.
ڪراچيءَ ۾ نگران صوبائي وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رابطن جو بحران ناهي، چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته هو چاهن ٿا ته حالتون خراب نه ٿين ۽ چونڊون صاف شفاف ٿين، چونڊون خراب ڪرڻ جي افواهن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪرڻ سياست جو حصو آهي، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ڪنهن عدالت يا نگران وزير کي اليڪشن ناهي ڪرائڻي.
هن چيو ته سياست اندر شڪايتون جمهوريت جو حصو آهن، اليڪشن جي تاريخ تي ڪنهن کي شڪ شبها نه هئڻ گهرجن، عوام جا فيصلا ڪرڻ چونڊيل ماڻهن جو ڪم آهي، هو رڳو نگراني ڪري رهيا آهن.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ريڊيو پاڪستان جي هڪ فنڪشنل عمارت موجود آهي، ريڊيو پاڪستان جي پراڻي عمارت جا معاملا پراڻا آهن، هو آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو اسٽيٽس قانون واري وزير کان پڇا ڪري ٻڌائي سگهي ٿو.
سنڌ جي اطلاعات کاتي واري نگران وزير احمد شاهه چيو ته سندس دعوت تي سڌ سماءَ وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪراچي آيو آهي، هو چاهي ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي معاملن ۾ بهتر ڪو آرڊينيشن هجي.- Advertisement -
