- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پڙهيل لکيل نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، جديد تعليم سندن ترجيح آهي، تعليمي نظام جي ڪاميابيءَ ۾ استادن جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي، ٻارن جي تعليم بابت والدين جو ڪردار به اهم آهي، اوهان زندگي ۾ جنهن شيءِ جو ادارو ڪندا آهيو اها حاصل ڪري وٺندا آهيو.
ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ 58هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته والدين جي ڏهاڙي واري تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي، جديد تعليم سندن ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته تعليمي نظام جي ڪاميابيءَ ۾ استادن جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي، ٻارن جي تعليم بابت والدين جو ڪردار به اهم آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جو ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سندس مادر علمي رهيو آهي، پڙهيل لکيل نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، اوهان زندگي ۾ جنهن شيءِ جو ادارو ڪندا آهيو اها حاصل ڪري وٺندا آهيو.- Advertisement -
