دهشتگردن جو مقابلو سڀني کي گڏجي ڪرڻو پوندو، امن هوندو ته معاشرو ترقي ڪندو : نگران وزيراعظم

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگرديءَ جو مقابلو ان وقت ئي ڪري سگهي ٿو جڏهن هو ۽ اوهان گڏ ٿيو، بلوچستان جو اصل خزانو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهن، جيتري پراڻي بلوچستان جي تهذيب آهي اوتري ئي پراڻي هتان جي ٻولي جي خوبصورتي آهي. ڪوئيٽا ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان کان هزارگي ٻولي ۾ نشريات جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو هزارگي ٻولي ۾ نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي، اڄ ميڊيا ذريعي دنيا گڏجي وئي آهي، بلوچستان جو اصل خزانو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بلوچستان ۾ ڳالهائي ويندڙ زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هن خطي ۾ پشتو، بلوچي، هزارگي ۽ فارسي ٻولي موجود آهي، هو ٻين ملڪي چينلن سان گڏ سهڪار جاري رکندا. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته 2008ع ۾ هتان قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن وڙهي هئي هو اليڪشن ته هارائي ويو پر اڄ هزاره برادري سان عزم نڀايو آهي، کيس معلوم آهي ته هزاره برادري جا ماڻهو ٽيلنٽ آهن. هن چيو ته دهشتگردن بلوچستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو، دهشتگردن جو مقابلو سڀني کي گڏجي ڪرڻو پوندو، امن هوندو ته معاشرو ترقي ڪندو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگرديءَ جو مقابلو ان وقت ئي ڪري سگهي ٿو جڏهن هو ۽ اوهان گڏ ٿيو، هو هن دهشتگردي خلاف ويڙهه وڙهي ڪري ڪامياب ٿيندا جنگ ۾ ادب پيدا نٿو ٿي سگهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
18%
2.6m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °

تازه ترين خبرون