- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر صوبي ۾گئس جي بحران بابت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ جي سمورن صنعتي يونٽن ۾ گئس جو بحران آهي، گئس جي بحران سبب صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر صوبي ۾گئس جي بحران بابت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي شڪايتي خط لکي ڇڏيو.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر خط ۾ چيو ته سنڌ صوبي کي آئين جي آرٽيڪل 158 موجب قدرتي گئس ۾ سندس جائز حصو فراهم ڪيو وڃي، ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ بلڪل واضح آهي ته گيس جي استعمال تي پهريون حق ان صوبي جو آهي جتان نڪري ٿي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ ملڪ جي ٽوٽل گئس جو 65 سيڪڙو پيدوارا ڏيندڙ صوبو آهي، هر هفتي ۾ 2 ڏينهن گيس جي مڪمل بندش ڪئي پئي وڃي، هفتي جا ٻيا ڏينهن به گئس انتهائي گهٽ پريشر سان فراهم ڪئي پئي وڃي، گيس جي بندش سبب صوبي ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.
نگران وڏي وزير شڪايتي خط ۾ چيو ته صنعتي ۽ ڪاروباري برادري فل پريشر سان گئس جي بنا رڪاوٽ جي فراهمي جي درخواست ڪري رهي آهي، جڏهن ته اختيارين طرفان ڪو هاڪاري رد عمل سامهون ناهي آيو، ملڪ جي ناڻي جي ذخيرا اڳ ئي 12 ڏهائي 302 بلين ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، سنڌ ۾ گئس جي بندش هن صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته گذريل سالن ۾ آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ڪندي ايس ايس جي سي بدران ايس اين جي پي کي 211 ايم ايم سي ڊي گئس الاٽ ڪئي وئي، هاڻي ان عمل کي روڪڻ گهرجي ۽ سنڌ صوبي کي گئس فراهم ڪرڻ گهرجي، ماڙي فيلڊ ۽ نون کوهن مان نڪرندڙ گئس ففٽي ففٽي جي تاريخي عمل جي ڀڃڪڙي ڪندي الاٽ ڪئي پئي وڃي.
نگران وڏي وزير شڪايتي خط ۾ چيو ته سنڌ کي ٻاهران گئس خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ صوبو ٻين صوبن کي گئس ڏيڻ جو پابند ناهي سواءِ ان جي جيڪا اضافي طور دستياب هئي، سندن درخواست آهي ته سمورين صنعتي زونز ۾ گيس جي بندش کي ختم ڪيو وڃي ۽ مڪمل پريشر بنا رنڊڪ جي فراهم ڪئي وڃي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي شڪايتي خط ۾ درخواست ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين کي صوبي جي وسيع مفاد ۾ هن سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.- Advertisement -
