- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن آئيني ضرورت آهي، هو ڪرائي پوءِ ويندا، نتيجن بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي.
ڪوئيٽا ۾ ميڊيا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پارٽين کي پنهنجن ووٽرن کي ڪجهه نه ڪجهه ته چوڻو آهي، لسٻيلي ۾ ڄام جي مقابلي ۾ غير مشهور ماڻهو چونڊ کٽي وڃي ته اِها وڏي ڳالهه هوندي.
هن چيو ته بلوچستان ۾اليڪشن بابت هر تڪ تي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي، هر تڪ ۾ ماڻهو آهن، جن جو اثر آهي.
نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن داغدار ۽ غير داغدار هجڻ بابت ڳالهين کي هو اهميت ناهي ڏيندو، جيڪڏهن هو اليڪشن نه ڪرائن ها ته داغ هجي ها، هو اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائيندي ۽ هو مدد فراهم ڪندا.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سوئي گيس ۾رڳو بلوچستان کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هنن چيو ته بلوچستان ۾ سياري دوران ماڻهن کي تنگ نه ڪيو وڃي، وٽن نون منصوبن جو مينڊيٽ ناهي.
هن چيو ته سڀ ڏينهن ڳڻي رهيا آهن ته ڪاڪڙ ڪڏهن ويندو، سڀني سان احترام وارو رشتو آهي، طنز ڪرڻ مناسب ناهي.
نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي، ان جي نتيجي بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سهگجي، ڪوشش هوندي ته ڪنهن اسڪينڊل جي ور نه چڙهن.- Advertisement -
