سپريم ڪورٽ بلوچستان ۾ تڪبنديون چئلينج ڪرڻ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ بلوچستان ۾ تڪبنديون چئلينج ڪرڻ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ بلوچستان جي تڪبندين بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود درخواست ڏيندڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ته عام چونڊن جي تاريخ اچڻ سان ملڪ ۾ ٿورو استحڪام آيو آهي، ڇا اوهان ملڪ ۾ استحڪام نٿا چاهيو؟، عام چونڊن جي تاريخ اچڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل قمر افضل چيو ته چونڊ تڪبندين بابت غلط فيصلو ڪيو ويو جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اليڪشن پروگرام جاري ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ڪجهه نٿو ٿي سگهي، انفرادي درخواستن تي فيصلا ڏيڻ لڳا ته اليڪشن جو عمل متاثر ٿيندو اهڙي درخواستن تي عام چونڊن لاءِ 8 فيبروري جي تاريخ متاثر ٿيڻ نه ڏيندا. جسٽس منصور علي شاهه درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کي چيو ته اوهان چونڊون وقت تي نٿا چاهيو ته عدالت ۾ بيان ڏيو، اليڪشن کي ڪنهن به صورت ۾ پٽڙي تان نه لهڻ ڏيندا. جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊن ۾ ڪابه دير نه ٿيڻ گهرجي، ڪنهن کي اليڪشن دير جو شڪار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ بعد چونڊ تڪبنديون تبديل نٿيون ٿي سگهن. عدالت بلوچستان ۾ تڪبنديون چئلينج ڪرڻ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26%
1.9m/s
1%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °

تازه ترين خبرون