ملڪ ۾ چونڊ عمل جي شروعات ٿي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جاري ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
ملڪ ۾ چونڊ عمل جي شروعات ٿي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ آر اوز آفيسن ۾ پبلڪ نوٽيس لڳايا ويا آهن. ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪيا ويا آهن، عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ به جاري ٿي رهيا آهن. اميدوار نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل آر او ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس کان وٺي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ سئو رپيا في ادا ڪري حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهي ڪاغذ 20 کان 22 ڊسمبر تائين آر او آفيس ۾ جمع ڪرائڻا پوندا، سياسي پارٽيون 22 ڊسمبر تائين مخصوس سيٽن تي اميدوانر جي ترجيحي لسٽ لاڳاپيل آر او آفيس کي فراهم ڪن. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 24 کان 30 ڊسمبر تي ٿيندي ۽ اعتراض 3 جنوري تائين داخل ڪرايا  ويندا، جڏهن اپيلون 10 جنوري تائين ٻڌيون ويندوين. اميدوارن جي نظرثاني لسٽ 11 جنوري 2024ع تي جاري ڪئي ويندي، 13 جنوري تي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا ۽ 8 فيبروري تي  ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
31%
2.6m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون