روايتي سياست دفن ڪري ملڪ کي نئين رخ ڏانهن وٺي هلڻ گهرجي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪو اميرالمومنين بڻجڻ چاهي ٿو ته ڪو ٽائيگر فورس ذريعي ملڪ هلائڻ جو خواهشمند آهي، فيصلو عوام کي ڪرڻو پوندو ته اهو ڪهڙو پاڪستان چاهي ٿو، پراڻي سياست ڪئي وئي ته ڀلي ڪو به وزيراعظم بڻجي نه مسئلا حل ٿيندا نه ئي ملڪ هلي سگهندو، روايتي سياست دفن ڪري ملڪ کي نئين رخ ڏانهن وٺي هلڻ گهرجي. لاهور هائيڪورٽ بار کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کيس ٽيون ڀيرو هائيڪورٽ بار جي تقريب ۾ اچڻ جو موقعو مليو آهي، سندن ٽي نسل انصاف لاءِ ايندا رهيا آهن، لاهور هائيڪورٽ کي اڄ تائين ڪرائيم سين طور ڏٺو ويندو آهي. هن چيو ته هو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ٿورائتو آهي، اميد ته قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو کي انصاف ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ محنت سان ٻڌايو ته هو ڪنهن کان گهٽ ناهن. پ پ چيئرمين چيو ته  هو سياسي ڪارڪنن جي عزت ۽ احترام ڪندو آهي، ن ليگ، پ پ يا پي ٽي آءِ يا ڪنهن به پارٽي جا هجن،  اڄ وري ملڪ ۾ انتقام ۽ ورهائڻ واري سياست نظر اچي رهي آهي، اها سياست پي ٽي آءِ باني واپس کڻي آيو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي اختلافن کي اختلافن تائين رکڻ گهرجي، دشمني نه ڪئي وڃي، سياستدان پراڻي طريقي سان وڙهندا رهيا ته مسئلن جو حل نه ڪڍي سگهندا، هو چاهي ٿو ته روايتي سياست دفن ڪري ملڪ کي نئين رخ ڏانهن وٺي هلڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته ڪو اميرالمومنين بڻجڻ چاهي ٿو ته ڪو ٽائيگر فورس ذريعي ملڪ هلائڻ جو خواهشمند آهي، فيصلو عوام کي ڪرڻو پوندو ته اهو ڪهڙو پاڪستان چاهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيستائين هو اهو فيصلو نه ڪندا تيستائين فرق نه پوندو، پراڻي سياست ڪئي وئي ته ڀلي ڪو به وزيراعظم بڻجي پر ملڪ نه هلي سگهندو. پ پ چيئرمين چيو ته هو سمجهي ٿو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جو قتل ڪيس هلي رهيو آهي، هي موقعو تاريخ کي درست ڪرڻ جو آهي، هو چاهي ٿو ته فخر سان آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي وڃي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
31%
2.6m/s
0%
ڇنڇر
14 °
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون