2018ع جي اليڪشن ۾ انجنيئرنگ ڪري رڳو چئن ووٽن جي سرسي سان سليڪٽيڊ کي وزيراعظم بڻايو ويو: نوازشريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته 2018ع جي اليڪشن ۾ انجنيئرنگ ڪري رڳو چئن ووٽن جي سرسي سان سليڪٽيڊ کي وزيراعظم بڻايو ويو، سليڪٽيڊ مديني جي رياست جي نالي تي ڌانڌلي، ڪوڙ، يوٽرن ۽ بدتميزي ڪئي، ملڪ کي ڀارت يا آمريڪا نه پر هنن پاڻ نقصان پهچايو آهي، آئين ٽوڙيندڙن کي ججن پاڻ هار پارايا. لاهور ۾ پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته سال 2016ع جي آخر ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو هو، دهشتگردي ختم ڪئي، ملڪي ترقي 6 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي، آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو. هن چيو ته هاڻي دهشتگردي واپس اچي وئي آهي، جيئن ئي عمران خان آيا ڊالر کي پر لڳي ويا،  معاشي ترقي ختم ٿي وئي، مهانگائي آسمان تائين پهچي ئي. نوازشريف چيو ته آر ٽي ايس بند ڪرائڻ باوجود سندن پارٽي پنجاب ۾ اڪثريت ۾ آئي، رڳو چئن ووٽن جي سرسي سان سليڪٽيڊ کي آندو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، بلوچستان ۽ فاٽا جا ماڻهو به شامل هئا. ن ليگ جي قائد چيو ته ستر ورهين کان آئين ٽوڙيو پيو وڃي، جج آئين ٽوڙيندڙن کي هار پارائن ٿا، کين اڳوڻن ججن ذريعي جيلن ۾ وڌو ويو، موجوده ججن ڪجهه پيشين تي ڪيس ختم ڪري ڇڏيا. هن چيو ته سندن بابت چيو ويو ته نوازشريف ۽ مريم کي جيل کان ٻاهر نه اچڻ گهرجي نه ته سندن محنت ضايع ٿي ويندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سليڪٽيڊ مديني جي رياست جي نالي تي ڌانڌلي، ڪوڙ، يوٽرن ۽ بدتميزي ڪئي، ملڪ کي ڀارت يا آمريڪا نه پر هنن پاڻ نقصان پهچايو آهي. نوازشريف چيو ته الله پاڪ کين موقعو ڏنو ته ملڪ کي ڏکيائن مان ڪڍندا، ٽڪيٽ جا خواهشمند نيت رکن ته موقعو ملڻ بعد عوام جي خدمت ڪندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
31%
2.6m/s
0%
ڇنڇر
14 °
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون