- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ۾ جنگبندي بابت ٺهراءُ تي ووٽنگ ٻئي ڏينهن به ملتوي ڪئي وئي، نئين ٺهراءَ تي ووٽنگ اڄ رات ٿيڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ميمبر ملڪن جو ٺهراءُ جي مسودي تي اختلاف آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيل ۽ امريڪا قرار داد ۾ جنگ بندي جي اصطلاع استعمال ڪرڻ جا مخالف آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مسودي ۾ جنگ ۾ وقفو، معاهدو يا انساني بنيادن تي جنگ بندي جي لفظن تي اختلاف آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جنگ بندي جي نئين ٺهراءُ تي ووٽنگ اڄ رات ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ امريڪا جنگ بندي جي قرار داد ويٽو ڪئي هئي.- Advertisement -
