- Advertisement -
اسرائيلي صدر آئزڪ هر زوگ غير ملڪي سفيرن سان ڳالهائيندي هڪ وڌيڪ عارضي جنگ بندي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي صدر جي صدارتي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هـُو يرغمالين جي آزادي لاءِ وقفو چاهين ٿا.
ٻئي پاسي قطر ۽ مصر طرفان غزه ۾ نئين جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن، نئين جنگ بندي تي ڳالهين لاءِ قطري ۽ اسرائيلي عملدارن گذريل ڏينهن به ملاقات ٿي هئي.
ٻئي پاسي حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه غزه جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽا سٽا جي معاملي تي ڳالهين حماس اڳوان اسماعيل هنيه اڄ مصر ويندو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل کان حملا روڪڻ، قيدين جي آزادي ۽ غزه جو محاصرو ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿينديون..- Advertisement -
