اڳوڻو امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن لاءِ نا اهل قرار

- Advertisement -
ڪيپيٽل هل حملي ڪيس ۾ امريڪي عدالت طرفان اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي اليڪشن لاءِ نا اهل قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، امريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي اليڪشن جي پرائمري لاءِ نا اهل قرار ڏنو. امريڪي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ سبب اليڪشن نٿو وڙهي سگھي، عدالتي فيصلو صرف ڪولوراڊو رياست تي لاڳو هوندو. ڊونلڊ ٽرمپ امريڪي تاريخ جي پهريون صدارتي اميدوار آهي جنهن کي نا اهل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ ترجمان عدالتي فيصلي کي غلط ۽ غير جمهوري قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ ۾ اپيڪ داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ 4 جنوري تائين ڪولو راڊو عدالت جي فيصلي خلاف اپيل جو حق رکي ٿو. واضع رهي ته ڪولوراڊو ۾ رياستي پرائمري پنج مارچ تي ٿيڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
24%
3.2m/s
27%
جمعو
18 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون