- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيل جا وحشياڻا حملا جاري آهن، هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ 2 سئو فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا.
شهيد فلسطينين جو انگ 19 هزار 667 ٿي ويو جڏهن ته 52 هزار 5 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
اسرائيلي فوج اتر غزه ۾ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي کي نشانو بڻايو.
اسرائيلي فورسز العوده اسپتال کي فوجي ڇانوڻيءَ تبديل ڪري ڇڏيو، طبي عملي جي 40 ۽ 82 مريضن سميت 240 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
جباليه ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ 13 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفاع ۾ رهائشي عمارتن تي بمباري جي نيتجي ۾ 29 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.
ٻئي پاسي القدس بريگيڊ ڏکڻ غزه ۾ اسرائيلي فوج تي جوابي حملن جي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي.
القدس بريگيڊ اسرائيلي فوج جي سپلاءِ لائين ۽ ٽينڪن کي نشانو بڻايو……- Advertisement -
