- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب نيپا فلاءِ اوور هيٺان مرمتي ۽ بحالي جي ڪم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضى وهاب چيو ته اڳ ۾ نيپا فلاءِ اوور هيٺان گندگي جا ڍير لڳل هوندا هئا، هن جاءِ کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ذريعي ئي صحيح رکي سگھجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ 4 سالن ۾ شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا، هو حافظ نعيم ۽ سندس سمورن ساٿين سان گڏ ويهڻ چاهي ٿو.
جن چيو ته 15جنوري 2024 تي ڪراچي جي عوام پيپلزپارٽي تي اعتماد ڪيو ۽ هو شهرين جي اعتماد تي پورو لهندا.
هن وڌيڪ چيو ته نيپا جي ڀرپاسي ۾ به خوبصورت گرين پارڪ ٺاهيندا، هاڻي ڪراچي وارا فيصلو ڪن ته کين وال چاڪنگ واري سياست کپي يا هاڪاري سياست کپي.- Advertisement -
