علمي ادبي سرگرميون هڪ باشعور معاشري جو ثبوت هونديون آهن : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته علمي ادبي سرگرميون هڪ باشعور معاشري جو ثبوت هونديون آهن، اياز ميلو پڻ شيخ اياز جهڙي مهان ڪوي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ علم ۽ شعور پکيڙڻ جو هڪ املهه وسيلو آهي. اياز ميلي بابت پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري اياز ميلو جي آرگنائيزرز کي خراج تحسين ۽ ڪيترن ئي سالن کان لڳاتار ڪاميابي سان ميلو ڪرائڻ تي واڌايون ڏنيون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته علمي ادبي سرگرميون هڪ باشعور معاشري جو ثبوت هونديون آهن، اياز ميلو پڻ شيخ اياز جهڙي مهان ڪوي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ علم ۽ شعور پکيڙڻ جو هڪ املهه وسيلو آهي. هن چيو ته شيخ اياز رڳو سنڌي ٻولي جو بيمثال شاعر ۽ ليکڪ ناهي، هو سنڌ جي هڪ سڃاڻپ آهي، شيخ اياز جو علمي ۽ ادبي ورثو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ انسانذات لاءِ هڪ اثاثو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز جي سوچ ۽ ڏاهپ کان متاثر هو، اهو ئي سبب آهي ته قائدِ عوام پنهنجي حڪومت دوران شيخ اياز کي سنڌ جي سڀ کان وڏي مادرِ علمي، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته قائدِ عوام جو اهڙي قدم پٺيان اهو تدبر هو ته ملڪ جي نوجوان نسل جي علمي ۽ فڪري آبياري جي مهنداري شيخ اياز جهڙي قدآور عالم ۽ فاضل جي هٿ هيٺ هجڻ گهرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس لاءِ اهو قابلِ فخر آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجي باني چيئرمين قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جِي شيخ اياز جو احترام ڪرڻ ۽ سندس فن ۽ فڪر کي مڃتا ڏيڻ واري واٽ تي سدائين قائم رهي آهي. هن چيو ته هڪ پاسي سنڌ جي گذريل عوامي حڪومت شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي قائم ڪري عظيم شاعر کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي ته ٻي پاسي ثقافت کاتي شيخ اياز جا لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب ڇاپي هڪ عظيم علمي سرمائي کي محفوظ ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سجاڳ سماج ڪڏهن به پنهنجن هيرن کي ناهن وساريندا، شيخ اياز سندن فخر آهي، شيخ اياز جي شاعري امر آهي ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ زندهه رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
16%
2.9m/s
0%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون