نگران وڏي وزير مقبول باقر طرفان اسلام ڪوٽ جي بوائز اسڪول جو دورو

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اسلام ڪوٽ جي بوائز اسڪول ۽ ليبارٽري جو دورو ڪري ٻارڙن جي قابليت ۽ استادن جي پڙهائي واري طريقي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر کي تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي،  سندس چوڻ آهي ته اسڪول ۾ استاد نه هئڻ سبب مستقبل جو نقصان ٿي رهيو آهي، 30 شاگردن لاءِ هڪ ايڇ ايس ٽي ۽ هڪ جي ايس ٽي هئڻ گهرجي، ترقي ڪيئن ٿيندي جڏهن پنهنجي قوم جي معمارن کي پاڻ تباهه ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اسلام ڪوٽ جي بوائز اسڪول ۽ ليبارٽري جو دورو ڪري مختلف ڪلاسن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وڏي وزير ڏهين ڪلاس جو دورو ڪري جتي فزڪس جو سبجيڪٽ پڙهايو پئي ويو، جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر شاگردن سان انگريزي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته ڪوبه شاگرد انگريزي ۾ بنيادي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو. وڏي وزير جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير ڏهين ڪلاس جي اي، بي ۽ سي سيڪشن جو دورو ڪيو. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هو شاگردن جي قابليت ۽ استادن جي پڙهائي واري مهارت مان مطمئن ناهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڊائريڪٽر ايجوڪيشن اختر بيگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ٽائيم ٽيبل به چيڪ ڪيو. نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اسڪول ۾ ڪلاس ڇهين کان ڏهين تائين هڪ هزار 671 شاگرد آهن. ڊائريڪٽر ايجوڪيشن چيو ته اسڪول ۾ 19 ايڇ ايس ٽي آهن جڏهن ته 50 استادن جي ضرورت آهي. ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن چيو ته هنن وڌيڪ استادن لاءِ ڊپارٽمينٽ کي لکيو به آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويهي اجلاس ڪيو. نگران وڏي وزير چيو ته اسڪول جي انرولمينٽ تمام سٺي آهي، اوهان کي استادن جو انتظام ڪرڻ گهرجي ها، استاد نه هئڻ سبب سندن مستقبل جو نقصان ٿي رهيو آهي. نگران وڏي وزير کي اسڪول جو هيڊماستر پنهنجي ٺاهيل ٽائيم ٽيبل بابت بريفنگ نه ڏئي سگهيو. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته هو تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪري، 30 شاگردن لاءِ هڪ ايڇ ايس ٽي ۽ هڪ جي ايس ٽي هئڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان انسپيڪشن ڪئي هجي ها ته اسڪول جي حالت بهتر هجي ها. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڊائريڪٽر کان سوال ڪندي چيو ته هي ٻار سندن اولاد آهن، هو سندن مستقبل ڇو تباهه ڪري رهيا آهن؟، ترقي ڪيئن ٿيندي جڏهن پنهنجي قوم جي معمارن کي پاڻ تباهه ڪيو پيو وڃي. ڊائريڪٽر ايجوڪيشن بريفنگ ڏيندي چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ 860 سيڪنڊري ۽ 800 پرائمري اسڪول آهن. نگران وڏي وزير چيو ته اسڪول ۾ بائيولاجي جا استاد آهن پر انٽر پاس بائيولاجي پڙهائي رهيا آهن. وڏي وزير جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اسڪول جي ليبارٽري جو به دورو ڪيو، ليبارٽري ۾ نائين ڪلاس جي اي سيڪشن جا شاگرد ڪيمسٽري جو پريڪٽيڪل ڪري رهيا هئا، نگران وڏي وزير پريڪٽيڪل پڙهائڻ جي طريقيڪار کي ناقص قرار ڏنو جڏهن ته ميٿ جو استاد ڪيميسٽري جو پريڪٽيڪل ڪرائي رهيو هو. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وڏي وزير ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن، هيڊماستر ۽ اسڪول انچارج تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان موجب، ليبارٽري ۾ سموري سامان تي مٽي چڙهيل هئي، نگران وڏي وزير انسٽرڪٽر اوم پرڪاش تي به سخت ڪاوڙ ڪئي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ڪابه انسپيڪشن ناهي ڪئي، سندس هدايت تي 10 انسپيڪشن ٿيڻ گهرجن ها. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اسلام ڪوٽ جي بوائز اسڪول جي ڪمپيوٽر ليب جو ڪيو، ليب ۾ ڪوبه استاد نه هو، ڪمپيوٽر ليب ۾ 2008ع کان ڪمپيوٽر دٻن مان ڪڍيا ئي نه ويا هئا. وڏي وزير جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڪمشنر کي ڪمپيوٽر ليب ٺيڪ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
16%
2.9m/s
0%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون