اسرائيلي فوج جي 75 هين ڏهاڙي به غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 85 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي  75 هين ڏهاڙي به غزا تي بمباري جاري رهي،  وڌيڪ 85 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته حماس اسرائيل جي هڪ هفتي لاءِ جنگبندي واري تجويز رد ڪري ڇڏي. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي  فوج اسرائيلي فوج رافح ۾ اسپتال جي ويجهو  هوائي حملو ڪيو. خان يونس ۽ جباليه ڪيمپ ۾ بمباري جي نتيجي ۾ 85 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب شهيد فلسطينين جو انگ 20 هزار ٿي ويو آهي،  شهيدن ۾ 8 هزار ٻار ۽ 6 هزار 200 عورتون شامل آهن. ٻئي پاسي  حماس جي ويڙهاڪن جي 72 ڪلاڪن دوران ڪاررواين ۾ 25 اسرائيلي فوجي مارجي ويا  ۽ 41 گاڏيون تباهه ٿي ويون. هوڏانهن آمريڪي اخبار موجب حماس هڪ هفتي واري اسرائيلي جنگبندي جي عارضي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي اخبار موجب حماس جو چوڻ آهي ته عارضي جنگبندي ۾ قيدين جي مٽا سٽي ممڪن ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون