سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر طرفان مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ کي ٽن هفتن اندر شروع ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر مصري شاهه آر او پلانٽ مٺي کي ٽن هفتن اندر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي پبلڪ هيلٿ کاتي کي بل ادا ڪري بجلي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته بجلي جي بحالي بعد سموريون خاميون ختم ڪري فعال ڪيو وڃي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر مصري شاهه آر او پلانٽ مٺي کي ٽن هفتن اندر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، مصري شاهه آر او پلانٽ 2 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪندو آهي جڏهن ته نگران وڏي وزير پبلڪ هيلٿ کاتي کي بل ادا ڪري بجلي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته بجلي جي بحالي بعد سموريون خاميون ختم ڪري فعال ڪيو وڃي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ان حوالي سان سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ زمان کهڙو سان اجلاس ڪيو. وزيراعليٰ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وڏي وزير ايڪسئن اسلم ڏاهري جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي ايڪسئن لڳائي پلانٽ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته آر پلانٽ جي بحال ٿيڻ سان روزانو 2 اي جي ڊي پاڻي مٺي شهر ۽ ويجهن ڳوٺن کي ملندو. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير هڪ ڏهائي 5 ايم جي ڊي اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ جي بحالي جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪئي ته ڪو سٺو ٺيڪيدار آڻي اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ شروع ڪرايو وڃي ۽ مٺي ۾ ننڍا وڏا 242 آر او پلانٽ هلندڙ مهيني بحال ڪيا وڃن. نگران وڏي وزير چيو ته عوام کي پاڻي جي سهولت لاءِ ڪروڙين رپين جا پلانٽ لڳائي ڏنا آهن ته اهي ٺيڪ هئڻ گهرجن، هو مٺي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولتن ڏئي ويندو. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پبلڪ هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر سان ڌار ڌار اجلاس ڪري فيصلا ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون