بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو، اڃا فيصلو ناهي ٿيو : مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو فيصلو نه ٿيو آهي، شهباز شريف کي ملڪ جي ڪنهن به تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو حق آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مخالف اتحادن سان ڪو فرق نه پوندو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو اهو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، بلاول سڄي پاڪستان مان چونڊ وڙهندو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم آهي، کيس ڪنهن به هنڌ تان چونڊ وڙهڻ جو حق آهي، هو عدالت جا ٿورائتا آهن ته حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت عوام لاءِ وسيلا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، عدالت جي حڪم تي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، هڪ معاملو رهي ٿو ته متاثرين جون ڪهڙيون تجويزون قبول ڪيون؟، عدالت حڪومت کي پندرهن ڏينهن جو وقت ڏنو آهي حڪومت ان بابت فيصلو ڪندي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف الائنس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ٻڙي ٻڙي واڌو ٻڙي سڀ برابر ٻڙي آھي، جيڪڏهن نواز شريف سنڌ جو دورو ڪيو ته ٿورائتا ٿيندا، هو سنڌ جو دورو ڪري ھر ضلعي ۾ رات گذاري. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن نواز شريف وٽ اقتدار ايندو آھي ته پوءِ به سنڌ جو دورو ڪري گورنر هائوس ۾ رهي واپس ٿو وڃي، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي ايندو آهي ۽ گورنر هائوس ۾ رات گذاريندو هليو ويندو آهي ، سٺي ڳالهه اها آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جيان عوام آڏو اچن جن کي عوام قبول ڪري. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته بار ڪائونسلن چيف اليڪشن ڪمشنر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، هو صاف ۽ شفاف اليڪشن چاهن ٿا، عمارتن ۾ باهه کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون