پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر غزا ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر غزا ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شهيد ٿي رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي آهي، ٽي ٽي پي طرفان جديد هٿيارن جي استعمال تي ڳڻتي آهي، پاڪستان افغانستان کان ٽي ٽي پي بابت اثرائتا قدم کڻڻ جي اميد ڪري ٿو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي سخت ڳڻتي آهي، پاڪستان غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شهيد ٿي رهيا آهن، فوري طور جنگبندي ڪئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي آهي، پاڪستان ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي آزادي جي حق تائين سندن سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿو. هن چيو ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن 166 هندو ياترين کي ويزا جاري ڪيا، پاڪستان هندو ۽ سک ياترين کي ڀليڪار چئي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ٽي ٽي پي طرفان جديد هٿيارن جي استعمال تي ڳڻتي آهي، پاڪستان افغانستان کان ٽي ٽي پي بابت اثرائتا قدم کڻڻ جي اميد ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون