- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٻارهن ورهين کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي کي اڳڀرائي رپورٽ سميت طلب ڪندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٻارنهن سالن کان گنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته جاچ آفيسر نه آهي جاچ آفيسر کي بدلي ڪيو ويو آھي ۽ جي آءِ ٽي ٺهڻي آهي.
پوليس چيو ته ڪيس ٻه سال اڳ داخل ڪيو ويو هو ۽ جاچ جاري آهي.
گم ٿيل شهري جي ڀيڻ چيو ته سندس اڪيلو ڀاءُ عبدالستار 12 سالن کان گم آهي، امڙ فوت ٿي وئي آهي ۽ والد صحيح نموني هلي نه ٿو سگهي.
گم ٿيل شهري جي ڀيڻ چيو ته سندس امڙ لاڏاڻو ڪري وئي هئي جنهنڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي جڏهن ته12 سالن کان ڀاءُ جو پتو نه پيو آهي، ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته اوهان پريشان نه ٿيو اوهان سان انصاف ٿيندو.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟
پوليس موقف اختيار ڪيو ته 32 جي آءِ ٽي ۽ 17 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.
درخواست ڏيندڙ جو چوڻ هو ته قرار رحمان اسٽيل ٽائون مان گم ٿيو هو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ايس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته 32 جي آءِ ٽي اجلاس ٿيڻ کانپوءِ ڪهڙي رپورٽ آئي آھي؟.
ايس ايس پي جاچ موقف اختيار ڪيو ته ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي جڏهن ته ڳولا جاري آهي.
عدالت گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد ڊوائيس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي کي اڳڀرائي رپورٽ سميت طلب ڪندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
