- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جي بنياد تي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا خلاف منع نامي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 26 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ۾ گهوٻين خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي بنياد تي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا خلاف منع نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
عدالت جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ۽ پي ايم ڊي سي طرفان جواب جمع ڪرايو ويو آهي.
عدالت سنڌ سرڪار ۽ پي ايم ڊي سي جي جواب جي ڪاپي درخواست ڏيندڙن جي وڪيل کي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز طرفان به جواب جمع ڪرايو ويو.
ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
عدالت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن جي ڌر بڻجڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي.
وڪيل جو چوڻ آهي ته درخواستن تي تڪڙي ٻڌڻي ڪئي وڃي، خانگي ميڊيڪل ڪاليج 15 جنوري تي ميرٽ لسٽ جاري ڪندا.
عدالت ٻڌڻي 26 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
