- Advertisement -
سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت رمارڪس ۾ چيو آ هي ته ڪيس ۾ ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو ذڪر ئي ناهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيڻ جو فائدو ڪهڙي ملڪ کي ٿيو، ڇا وزيراعظم کي وقت کان اڳ ڪڍڻ سان دنيا نه کلندي آهي، اڳوڻو وزيراعظم فرد جرم لاڳو نه ٿيڻ سبب اڃا معصوم آهي، عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ ئي ضمانت لاءِ سٺو بنياد آهي، عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن، جيل ۾ رهندڙ شخص وڏي پارٽي جي نمائندگي ڪري ٿو، هر دور ۾ سياسي اڳواڻن سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو ويندو آهي؟
وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهيءَ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ باني ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت فرد جرم خلاف درخواست تي حامد خان جي دليلن لاءِ مهلت جي اپيل منظور ڪئي.
وقتي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پراڻي چارج شيٽ خلاف درخواست بي اثر ٿي چڪي آهي، نئين فرد جرم تي اعتراض آهي ته هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو وڃي.
حامد خان چيو ته مناسب هوندو ته هائيڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي.
وقتي چيف جسٽس چيو ته ماڻهو چون ٿا ته سندن ڪيس نٿا هلن، اوهان جو هلي پيو ته اوهان کي اعتراض آهي، فرد جرم واري درخواست بي اثر ٿيڻ تي اڪلايون ٿا.
سلمان صفدر چيو ته حماد درخواست ۾ ترميم ڪري چڪو آهي، ان کي نئين درخواست طور ورتو وڃي.
جسٽس منظور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ترميم ٿيل درخواست به هائيڪورٽ کان اڳ هو ڪيئن ٻڌي سگهن ٿا؟
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ تڪڙ ۾تيرهن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن، جنهن تي جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته اسپيڊي ٽرائل هر جوابدار جو حق هوندو آهي.
جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي جيل ۾ رکڻ سان معاشري کي ڪهڙو خطرو ٿيندو؟ جنهن تي وڪيل سلمان صفدر چيو ته قلم 164 جو بنيا جوابدار جو اعترافي بيان هوندو آهي، اعظم خان جي گهر ڀاتين گمشدگيءَ جو ڪيس داخل ڪرايو هو.
وقتي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڀنگ عيوض اغوا جو ته ٻڌو هو، بيان عيوض اغوا ڇا هوندو آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته سندس لاءِ آسان لفظ بيان عيوض اغوا ئي هئا.
جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ڪهڙي بنياد تي پراسيڪيوشن سمجهي ٿي ته جوابدارن کي حراست ۾ رکڻ ضروري آهي؟
جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته اعظم خان جي بيان ۾ واضح آهي ته وزيراعظم وٽ موجود دستاويز سائفر ناهي.
سلمان صفدر چيو ته اعظم چيو ته سندس موجودگيءَ ۾ ئي بني گالا ۾ پرڏيهي وزارت بريفنگ ڏني.
عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو ذڪر ئي ناهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيڻ جو فائدو ڪهڙي ملڪ کي ٿيو.
سپريم ڪورٽ چيو ته ڇا وزيراعظم کي وقت کان اڳ ڪڍڻ سان دنيا نه کلندي آهي؟
عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اڳوڻو وزيراعظم فرد جرم لاڳو نه ٿيڻ سبب اڃا معصوم آهي، عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ ئي ضمانت لاءِ سٺو بنياد آهي.
سپريم ڪورٽ چيو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن، جيل ۾ رهندڙ شخص وڏي پارٽي جي نمائندگي ڪري ٿو.
عدالت چيو ته هر دور ۾ سياسي اڳواڻن سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو ويندو آهي.
دليل ٻڌڻ بعد عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪندي کين 10-10 لک رپيا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.- Advertisement -
