ڪراچي: ڪينٽ اسٽيشن تي شڪي بيگ مان بم هٿ

- Advertisement -
ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تي پهتل عوام ايڪسپريس مان هٿ آيل 5 ڪلو وزني بم ناڪاره بڻائي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو. پوليس موجب، عوام ايڪسپريس ۾ بم جي اطلاع ملي جنهن کانپوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ فوري پهچي بم کي ڪنٽرول بلاسٽ ذريعي ناڪاره بڻايو ويو. ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ هو ته بم م 2 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو هو، ڌماڪيدار مادي کي ٽائيم ڊوائيس سان ڳنڍيو ويو هو جڏهن ته بم کي ڊيونيٽ ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل جي بيٽري استعمال ڪئي وئي هئي. ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته بم جو امڪاني هدف سکر ۽ روهڙي ويجهو هو، بم جو ٽائيمر ڏينهن جو ٻارهين وڳي سيٽ هو، ان ٽائيم تي ريل گاڏي سکر يا روهڙي اسٽيشن ڀرسان هجي ها. ٻئي پاسي سي ٽي ڊي عملدار راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي ڪوشش ڪنهن عليحدگي پسند جماعت جي ٿي سگھي ٿي، بم ڊسپوزل يونٽ موجب، بم ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جي اسڪول بيگ ۾ رکيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون