- Advertisement -
خابرو اداري موجب، اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 201 فلسطيني شهيد ۽ 368 زخمي ٿي پيا.
صحت واري وزارت موجب يهودي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 201 شهري شهيد ۽ 368 زخمي ٿي پيا آهن.
هن وقت تائين شهيد ٿي ويلن جو انگ 20 هزار 258 ٿي ويو، جڏهن ته زخمين جو انگ 53 هزار کان وڌي ويو.
شهيدن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ 6 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.
78 ڏينهن دوران 310 طبي عملي جا ميمبر ۽ 100 صحافي ۽ سول ڊفينس جا 35 اهلڪار به حياتيون وڃائي ويٺا.
يهودي فوج غزا ۾ گهرن، اسپتالن، عبادتگاهن، اسڪولن ۽ پناهگير ڪئمپن تي بمباري ڪري تباه ڪري غزا کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي- Advertisement -
